سروري ولي

سروري ولي

ولي سروري

ولي سروري : ولي محمد رونجھو المعروف ولي سروري 1924ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. ڪراچيءَ جي مقامي اسڪولن مان تعليم ورتائين. بي. اي ڪرڻ کانپوءِ بي. ايڊ، ايم. ايڊ ۽ اردو ۽ فارسي ادب ۾ ايم. اي جا امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين. ڪجهه وقت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، حيدرآباد ۾ ريجنل ڊائريڪٽر جي عهدي تي رهيو. 13 سيپٽمبر 1990ع تي ڪجهه وقت لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري به مقرر ٿيو. هن 1953ع کان لکڻ شروع ڪيو. شروعاتي دور ۾ الهه بخش سرشار عقيليءَ جي صحبت ۾ رهي، ولي سرشاريءَ جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين. ان کانپوءِ مخدوم طالب الموليٰ جي محفل سخن سان وابستگي اختيار ڪيائين جنهن بعد 1961ع کان ولي سروريءَ جي قلمي نالي سان سڃاپجڻ لڳو.
ولي سروري لطيفيات جي اڀياس جي سلسلي ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي لطيفي ماڳن، پنڌن، پڊن، پٽن، اوتارن، ٿر ۽ بر جا پنڌ ڪري لطيفي فقيرن سان رهاڻيون ڪيائين ۽ انهن جي روايتن کي قلمبند ڪيائين.


لفظ ولي سروريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو